عشق سمندر

عشق سمندر

عشق سمندر

عشق سمندر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضرت سچل سرمست جي فارسي مثنوين جي منظوم اردو ترجمي تي ٻَڌل آهي. سنڌ جي نامياري عالم ۽ اديب، ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، سچل جي فارسي مثنوين جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو هو، جنهن تان نامياري شاعر مقصود گل اُن جو اردو منظوم ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي نامياري شاعر محمود الحسن شرف صديقيءَ لکيو آهي. هن منظوم ترجمي واري ڪتاب ۾ سچل جي ستن مثنوين: ساقي نامه، درد نامه، تار نامه، راز نامه، گداز نامه، عشق نامه ۽ رهبرنامه جو منظوم ترجمو ڏنل آهي. هن ترجمي جي وڏي اهميت ان ڪري به آهي جو هي اردو آباديءَ کي سچل جي اڀياس ۾ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب آهي. هي ڪتاب، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو